Thursday, May 23, 2019

Shaikh Ayaz شیخ ایاز Best 2 Line Poetry | Shayari in Sindhi

Shaikh Ayaz شیخ ایاز Best 2 Line Poetry | Shayari in Sindhi

Shaikh Ayaz (Urdu شیخ ایاز) conceived Mubarak Ali Shaikh (Urdu : مبارک علی شیخ March 1923 – 28 December 1997) was one of the noticeable Sindhi artists of Pakistan as a rule and Sindh specifically. He composed a few books on verse, life stories, plays and short-stories in both Sindhi and Urdu dialects. His interpretations of Shah Jo Risalo, which was composed by the eighteenth century Sufi writer Shah Abdul Latif Bhittai, from Sindhi to Urdu language.
The beneficiary of Sitara-e-Imtiaz, Ayaz (1923-1997), created in excess of 50 books, including a couple of Urdu verse, with insurgency and sentiment being the exceeding subjects. He passed on December 28, 1997, and was let go close to the sanctuary of Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai in Bhit Shah, Matiari locale.
He composed short stories, Operas, expositions, verse, travelogs, journals, a collection of memoirs.

Shaikh Ayaz شیخ ایاز Best 2 Line Poetry BY ZGPOETRY


چئه تون مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪيترا
واڪا ڪندي ووءِ صديون تولئه سنڌڙي
شيخ اياز
__________________________________________
جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾.
ڪالهہ کان ڳالهہ سا آهہ انسان ۾..

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾!

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾..

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو هن بيابان ۾..

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون ناهين ايمان ۾..
شيخ اياز
__________________________________________

ڪجه شاه ڏني ڪجه شيخ ڏني
هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو
شيخ اياز
__________________________________________


ڪنهن تہ ورتو پئي پرينءَ جو نانءُ،
جو ويو اوچتو هٿن مان هانءُ،

گرچہ ان ۾ نئون نئون مڌ آ،
دل پراڻي پياڪ جو آ ٿانءُ،

ناھہ ڪنهن کي بہ سار سپرينءَ جي،
نہ وري صبح کان لنوي ٿو ڪانءُ،

تون مڃيندين تہ ڪونہ اي جيڏا!
جي چوان لازوال آهيان آنءُ،

شاعري ڏات آ اياز مگر،
ڏات ڪهڙي، هجي نہ، جنهن کي ڏانءُ!
شيخ اياز
__________________________________________

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
شيخ اياز
__________________________________________

عشق اها واحد جنت آهي
جنهن ۾ حورون عذاب ڏينديون آهن
شيخ اياز
__________________________________________

سوچئين تون متان مُون مٿان مقبرو!
چنڊُ، تارا، ڪَتيون،
سج جون مشعلون،
مُون مٿان روز ٻرنديون پيون،
هِي خُدائي مجاور جيان،
روزمون تي ڪندا سوجهرو!
سوچئين تون متان مُون مٿان مقبرو!
ڪينجھر ! تنھجي ڪنڌي ءَ تي.
ڪوئي ته تماچي اچڻو آ !
۽ نوُرا پائي نورئ کي
ئي لھرون لھرون نچڻو آ !
شيخ اياز
__________________________________________

تون جو مون کي ڪونه مڃيندين
مون کي ڪابه پرواه نه آهي
آئون سڀاڻي لاء لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي
شيخ اياز

__________________________________________

مون سان وڙهڻ
آسان نه آهي.
تون امير خسروءَ جي سِتار کان وٺي
ميران ٻائيءَ جي گيت تائين،
سڀ سان وڙهي رهيو آهين!
۽ ڀٽائي کي ايتري ڪاوڙ آهي،
جو ڪنهن ڏينهن
هو پنهنجي دنبوري سان
تنهنجو سِر ٽوڙي وجهندو.
شيخ اياز
__________________________________________

مون کي ماريندين،
تون ئي پوَندي کوٽِ ۾!
ٻوليءَ وليون ايتريون، ڪيئن ڦلاريندين؟
جَڙون، جن کي جُڳَ ٿيا، ڪيئن جياريندين؟
مون کي سانوڻ مينهن جئن، سدا ساريندين.
شيخ اياز
__________________________________________

ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏهن
ڏات وڏي شيءِ ناهي،
پر سَچُ وڏي شيءِ آهي،
۽ جو سَچ مچائي مَچ
سو مَچ وڏي شيءِ آهي!
شيخ اياز
__________________________________________

اي خدا!
تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين
ته منهنجي شاعري توکي
هڪ سجدو ڪري وَٺي.

ننڊ موت جي ڀيڻ آهي
اُن سان گهڻيون رنگ رَليون
شاعر کي نه ڦٻنديون آهن
شيخ اياز
__________________________________________

سنڌڙي! تنهنجي سينڌ ڏسي،
رات ڀٽائي گهوٽ رُنو؛

منهنجي من جي مٽيءَ ۾،
ڏاڙهونءَ جهڙو ڏنڀ ڦٽو؛

هينئون گهايل هرڻيءَ جيئن،
سامهون سارو وارياسو.
شيخ اياز
__________________________________________

هاءِ، پرين ياد آيا
رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اُڀ تي تارا ڇايا
هاءِ، پرين ياد آيا

جهومر وارا، پيارا پيارا، نيريءَ گَهرائيءَ ۾ تارا
مون جئن اک به نه لاتائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي
آهي نينهن به ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳايا
هاءِ، پرين ياد آيا

ڏيئا ٽِواٽي تي مون ٻاريا، لنگهي ويا سَوَ اُن تان ڌاريا،
آس نه لاٿي، باس به باسي، گذري وَئي پر ٻي چوماسي
جئن جئن پوءِ، تئن پياس گهڻيري، آتا هاءِ اُڃايا
هاءِ، پرين ياد آيا

پوئين پهر فضا گهوماٽي، جهُلڪي تي ٿي سَرد ڏياٽي،
ڪاريون ڪاريون هو گهرايون، وَٽَ کائيندي جئن لهرايون
دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا
هاءِ، پرين ياد آيا
شيخ اياز
__________________________________________

سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
لُڙڪ به سڀ کي مُرڪ به سڀ کي
سونهن پياري سُرڪ به سڀ کي
پيار به سڀ کي پُور به سڀ کي،
نينهن ڏنا ناسورَ به سڀ کي
هار به سڀ کي، جِيت به سڀ کي
مٺڙا مٺڙا مِيت به سڀ کي
سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو!
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
سڀڪو مومل، سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
شيخ اياز
__________________________________________

آءُ وهاڻي ويل،
گهڙيءَ جا ميل محبت ڪنهن جي ناهي رهندي
ڪنهن جي ناهي جُوءِ
مگر خُوشبو سدائين آڻي هِير الهندي
پورو ٿيندو پنڌ
سندءِ سوڳنڌ حياتي ويندي ڪهندي ڪهندي
او، منهنجا محبوب
سندم مطلوب اُٺي جي واءُ وڃي ٿي کهندي
ڄاڻان ٿو انجام
ڀري ڏي جام چانڊوڪيءَ جئن لهندي
شيخ اياز
__________________________________________

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو ايندو نه وري هي وڻجارو
ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو سڀ شور اجايو آ پيارا

ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا
شيخ اياز
__________________________________________

ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
خبر نه آهه گهڻا ڏينهن زندگي آهي

سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان َفضائن مان

سڀاڻي مهڪ نه ايندي ايئن هوائن مان
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽري آهي

وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان
ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
شيخ اياز
__________________________________________

اڙي اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو، بي خبر، نظر ڪر،
"اياز" آ شاعر محبت، اڙي زمانا! اڙي زمانا!!
شيخ اياز
__________________________________________

چوڏينھنءَ جي چانڊوڪي آھي، پرين بہ آھي پاس،
تو کي ڇا ٿيو آ منھنجا من، تو ڇو آنھہ اُداس!
شيخ اياز
__________________________________________

قدم قدم ھجوم رندان، نظر نظر شراب خانا،
ڪري ويو ڪير بارشي مي، خمار آلودہ ٿيا زمانا.
شيخ اياز
__________________________________________

ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس سُتو دل وارا جاگيا!
پنھنجي پنھنجي چنڊ جون ھر ڪنھن،
ڳالھيون ڳاتيون،
جھاتيون پاتيون;
ٿڪجي نيٺ ٿيا ننڊ ھاڻا،
آئي ننڊ تہ روح اُڏاڻا!
پھچي پار پرينءَ کي ھر ڪنھن،
پل ۾ پاتو،
ڇاتيءَ لاتو!
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس سُتو دل وارا جاگيا!
شيخ اياز
__________________________________________

اسان تي الزام آندا جڳَ جيئڻ جا،
جن جي روز جواب ۾، جَرڪيا منھنجا جام،
اَلا، ڪڏھن عام، رسندا منھنجي روح کي!
شيخ اياز
__________________________________________

سکِي ھوا ۾ ھُڳاءُ آھي، گَلي گَلي گيتُ ٿي وئي آ!
پِيا بنا نِنڊَ ڪيئن ايندي، بسَنتَ جي رات بي چَئي آ.
شيخ اياز
__________________________________________

جو ساز سدائين پيو وڄندو، ۽ گيت ازل جا ڳائيندو،
جي آئون نه، اُن کي ٻيو راڳي،
جاڳي اڌ رات وڄائيندو.
شيخ اياز
__________________________________________

مون وٽ جيڪو امرت رس آ
تنهن تي وهه جو ڪهڙو وس ا
شيخ اياز
__________________________________________

خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي
محبت زندگيءَ جي انتها آهي

محبت ئي اسان جي منزلِ آخر
محبت ئي اسان جي رهنما آهي

اجهودار ورسن جو ڪو پيام آيو
ملي اڄ زلفِ جانان سان صبا آهي

زمين جي تشنه لب جنت پڪاري ٿي
ڪٿي هو باد و باران جو خدا آهي

پوي ٿي ماڪ، چانڊوڪي ٿڌيري آ
اياز اڄ رات ڪِٿ هو بيوفا آهي
شيخ اياز
__________________________________________


ڀونرڀري آڪاس
ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن بھ ريت
منھنجي من کي چين ناھي

ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
چنڊ منھنجو ناھي ميت
منھنجي من کي چين ناھي

ھيءُ گلابي رت ڇڏي
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
منھنجي من کي چين ناھي

ھار ڪائي ھار ناھي
جيت ڪائي ناھي جيت
منھنجي من کي چين ناھي

تون ڪٿي آھين پرين، آھي
ڪٿي اڄ تنھنجي پريت
منھنجي من کي چين ناھي

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن بھ ريت
منھنجي من کي چين ناھي
شيخ اياز
__________________________________________

ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
خبر نه آهه گهڻا ڏينهن زندگي آهي
سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان َفضائن مان
سڀاڻي مهڪ نه ايندي ايئن هوائن مان
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽري آهي
وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان
ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
شيخ اياز
__________________________________________

ٻيهار به ملنداسين،
ڪنهن ڏور ستاري تي،
ٽيهار به ملنداسين.
شيخ اياز
__________________________________________

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ نعرا نينهن جا
سنڌڙيءَ جو سوگنڌ، مرنداسين پر مُرڪ سان.
شيخ اياز
__________________________________________

سَچُ وڏو ڏوهاري آهي
روز اَوَل کان پڪڙيو ويو آ

زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ

ڪڏهِين زهرُ پياريو ويو آ
تيلَ ڪَڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ

گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ
چوٽيءَ تان اُڇلايو ويو آ

ها، پر پوءِ به اُنهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي رِيتِ اَڀاڳي

جَنهن جي مَن ۾ کاٽُ هڻي ٿو
تَنهن جو سارو چئنُ کڻي ٿو

اڄ تو وٽ مهمانُ ٿيو آ
پر تو هِي به ڪڏهن سوچيو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟
شيخ اياز
__________________________________________


عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن آيو جهولَ ڀِري
ڪوئي ڪيئن ڪري
موتئي جَهڙَي مُرڪ پرينءَ جي، مُگرو ماتِ ڪري
ڪوئي ڪيئن ڪري
ڏاڙهونءَ ڦُوهَه ڦُلاريا مُنهن ۾، ٻَهه ٻَهه يار ٻري
ڪوئي ڪيئن ڪري
جنهن جي چڳَ چنبيليءَ ول جئن سُرهِي سيجَ ڀري
ڪوئي ڪيئن ڪري
جنهن جا نِهٺا نيڻ ائين، جئن رڻ ۾ راتِ ٺري
ڪوئي ڪيئن ڪري
پَلَ پَلَ تي ٿو پيارُ ڪَمل جئن ڪومل هَٿ ڌري
ڪوئي ڪيئن ڪري
تَنهن کان ڪيئن جُدا ٿي جيئُون، سرتيون ڪيئن سَري
ڪوئي ڪيئن ڪري
شيخ اياز
__________________________________________

جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾.
ڪالهہ کان ڳالهہ سا آهہ انسان ۾..

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾!

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾..

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو هن بيابان ۾..

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾..
شيخ اياز
__________________________________________


مون ڏات انوکي آندي آ
ٿي تند وڙهي تلوارن سان

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن
ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن
تون هيڻو آن هٿيارن سان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن
شيخ اياز
__________________________________________

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!

هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،

۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ-

هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
شيخ اياز
__________________________________________
Poetry by Shaikh Ayaz

No comments:

Post a Comment