Friday, August 17, 2018

2 Line Sindhi Best Sad Poetry | Two Line Sad Shayari In Sindhi

www.zgpoetry.blogspot.com

واپس ناھيون ويندا اسان انھن بيوفائن وٽ
جيڪي دل ھڪ سان لڳائن ٿا
۽ دنيا ڪنھن ٻئي سان آباد ڪن ٿا
 *********************************
ياد ۽ جستجو ڪافي ناھن سرڪار،
ھي دِل تنھنجو درشن بھ چاھي ٿي.
 *********************************
تو کي تھ مفت ۾ نھ راس آيون...
منھنجون چاھتون سي ڪروڙن جون.
 *********************************
اوھان کي وسارڻ جو سوچيو ڪٿي آ،
اوھان جي سھاري تھ جيئون پيا.
 **********************************
خبر اٿم تھ ائين ممڪن ئي ناھي،
پر الائي ڇو حسرت اٿم تھ متان ياد ڪندو ھجين.
 **********************************
مختصر ايتري جو ٻن اکرن سان بڻجي وڃي،
وسيع ايڏي جو دنيا ساري جا ان ۾ راز آھن.
 **********************************
محبت ۾ جھڪڻ، ڪو عيب  ناھي سائين،
سج بھ تھ لڙي ويندو آ چانڊوڪي جي خاطر.
***********************************
محبت روحاني احساسن جو سمنڊ آھي،
فقت ھڪ گلاب جي قتل جو نظرانو نھ.
 **********************************
جنھن ذات جو محبوب ھوندو آ،
ان ذات سان بھ پيار ٿي ويندو آ.
 **********************************
تون نازڪ آھين گلن وانگر
اسين ڪنڊالتاڙي پليا آھيون
تون درد ڏسي پيو دانھون ڪرين
اسين موت ڏسي بھ کليا آھيون
 **********************************
دل جو سڪون بي گھريو مون،
۽ تنھنجي خواھش بھ ڪئي اٿم.
 **********************************
ھر ماڻھون سان نھ رسبو آھي،
رسجي اُن سان جيڪو پرچاءِ.
 **********************************
ڪوئي نھ ڪنھن جو درد سڃاڻي،
جنھن تي گذري سو ئي ڄاڻي.
 **********************************
جڏھن مان چوان تون ئي تون،
تنھنجي معنيٰ سوين ڪائناتون.
 **********************************
رات بھ مون سان رات رُني آ،
لوڪ چوي ٿو ماڪ پئي آ.

No comments:

Post a Comment